شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي تعلقي لکي غلام شاھ ويجھو ڳوٺ ڪامل مان اغوا ٿيل 2 ڳوٺاڻا بازياب نه ٿي سگهيا آهن، 2 ھفتا اڳ ڀرڪڻ وٽان ھٿياربند بسم الله مھر ۽ حبيب الله مھر کي اغوا ڪري ويا ھئا، ان حوالي سان مغوي جي وارثن پاران بازيابي لاءِ ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن لاءِ پوليس پاران ايس ايس پي آفيس جو مک گيٽ بند ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ياسين مھر، رحيم بخش مھر، محمد رئيس مھر، علي احمد مھر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ضلعي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اغوا ۽ ڦرون زور جو معمول بڻيل آهن، هنن چيو ته پوليس 2 هفتا گذرڻ باوجود مغوي بسم الله ۽ حبيب الله مهر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، ھر روز ايس ايس پي بدلي ٿي رھيا آھن پر مغوي بازياب نه پيا ٿين، هنن چيو ته احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.