ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي تعلقي جي ڪوھستاني ڳوٺن رمضان ھيب، عثمان ھيجب جاکرو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪريش پلانٽ جي دز اٿڻ سبب زمينون غيرآباد ٿيون آهن ۽ رهواسي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. جنهن خلاف يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻڻ نور محمد ھيجب جاکرو، باغي ھيجب، عبدالستار ھيجب، محمد ھيجب جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇتوچنڊ کان احتجاجي مارچ ڪڍيو ويو، مارچ ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتو، اڳواڻن چيو تہ ڳوٺن ڀرسان ڪريش پلانٽ قائم ڪري انساني زندگين سميت پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڪريش پلانٽ مان اٿندڙ دز سبب جتي انساني آبادي متاثر ٿي رھي آھي اتي 37 کان مٿي ماڻھو ساھ جي بيماري ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن ۽ زرعي زمينون پڻ تباھ ٿي بڻجر بڻجي رھيون آھن.ھنن چيو تہ ڪريش پلانٽ جي ڌماڪن سبب آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪافي نقصان ٿي رھيو آھي، گھر تباھ ٿي رھيا آھن ۽ قبرستانن ۾ قبرون مسمار ٿي رھيون آھن، هنن چيو ته اھڙي ظلم ۽ بربريت خلاف ضلعي انتظاميہ سميت لاڳاپيل اختيارين کي بار بار شڪايتون ڪيون آھن ۽ احتجاج ڪيا آھن پر ڪير بہ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي. جڏهن ته ھنن ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ صوبائي وزير اسماعيل راھو سميت اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي ڪريش پلانٽ بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.