ٺل (ن پ ا) ٺل جي ڳوٺ صدورو ٻرڙو ۾ 55 ورهين جو محمد ابراهيم ٻرڙو مليريا سبب فوت ٿي ويو،ٺل تعلقي ۾ مليريا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 67 ٿي ويو، نوجوانن جي سڏ تي شهرين توڙي وڪيلن پاران ميونسپل ڪاميٽي کان تعلقي اسپتال تائين ريلي ڪڍ وئي.فخر سومرو، انيس سومر، محمد حسن ٻرڙو، انيس ڀٽي، وڪيل اياز نوناري ۽ ٻين چيو ته ٺل تعلقي اسپتال ۾ مريض کي هڪ گوري به نه ٿي ملي.ڪالهه اسپتال ۾ ٻار ماءُ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.هر روز مائرن جون جهوليون خالي ٿي وڃن ٿيون. سماجي اڳواڻ انيس الرحمان سومرو تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي واري مامري جي جاچ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.