جوهي/تنگواڻي (نمائندن وٽان) جوهي ۽ تنگواڻي ۾ مليريا وگهي 2 نينگريون فوت ٿي ويو، جوهي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ گل محمد گاڏھي واسي پورهيت مختيار گاڏھي جي 4 سالن جي ڌيءُ گل معراج گاڏھي مليريا وگهي فوت ٿي وئي، نينگري جي امڙ صغريٰ ٻڌايو ته تيز بخار سبب بيهوشي واري حالت ۾ نجي اسپتال کڻي آياسين جتي ڊاڪٽر سرڪاري اسپتال ريفر ڪيو، سرڪاري اسپتال پهچڻ تي آڪسيجن وقت سر نه ملڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي، تنگواڻي جي مدرسي محلي جي رهواسڻ 4 مهينن جي عليزا ڌيءُ محمّد يونس جکراڻي مليريا وگهي فوت ٿي وئي.