ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) صوبائي صلاحڪار آزاد اميدوار وٽ ميڙ کڻي پهتو، ڌريون کير کنڊ، تعلقي ٺل جي يونين  ڪائونسل ڪوٽ جنگو تي 26 جون بلدياتي اليڪشن واري ڏينهن جوابدار ساٿين سميت آزاد اميدوار فاروق احمد کوسو کي مبينا اغوا ڪري کڻي ويا هئا، جنهن جي ٺاھ لاءِ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جنگواڻي برادري جي معززين وٽ ميڙ کڻي پهتو، جنگواڻي برادري جي معززين آزاد اميدوار فاروق احمد کوسو،پرويز احمد کوسو ميڙمنٿ قافلي کي مان  ڏيندي راضي ٿي ويا، ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي دعا پڻ گهري وئي، ياد رهي ته اغوا جي معاملي تان آزاد اميدوار فاروق احمد کوسو ڪريم بخش کوسو ٿاڻي تي اغوا جو پڻ ڪيس داخل ڪرائڻ پهتو هو، پوليس کين ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو،آزاد اميدوار فاروق احمد کوسو سيڪنڊ ايڊيشنل ڪورٽ جيڪب آباد ۾ پڻ درخواست داخل ڪرائي ڇڏيو، درخواست ۾ زاهد کوسو، موسيٰ کوسو،زبير کوسو کي پڻ نامزد ڪيو ويو هو، ڪورٽ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، صوبائي صلاحڪار ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ميڙ کڻي پهتو، جنگواڻي برادري جي معززين ميڙمنٿ قافلي کي مان  ڏيندي راضي ٿي ويا، ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو.