حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر به سرگرم  بڻجي وئي آهي. گذريل ڏينهن هن شورو هائوس پهچي ضلعي قيادت سان غير رسمي گڏجاڻي بعد نامزد ڪيل اميدوارن جي سامهون بيٺل پارٽي سان تعلق رکندڙ آزاد اميدوارن کي هٿ کڻائڻ لاءِ کين وارننگ ڏئي پارٽي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي ضلعي قيادت جي ذريعي تصديق ڪئي ته پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي شورو هائوس تي آمد بعد غير رسمي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، ضياءَ النجار، پ پ ايم پي اي عبدالجبار خان، ضلعي صدر صغير قريشي سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب ته فريال ٽالپر ضلعي قيادت تي زور ڀريو ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ آزاد اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جنهن دوران پهرين کين وارننگ ڏيو جيڪڏهن هو هٿ نه کڻن ته سندن پارٽي ميمبرشپ معطل ڪئي وڃي. اهڙي فيصلي کانپوءِ ضلعي قيادت پاران آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ ٻن يونين ڪميٽين جي عهديدارن جي ميمبرشپ به معطل ڪئي وئي آهي جڏهن ته فريال ٽالپر ضلعي صدر صغير احمد قريشي ۽ پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته هو پارٽي پاران نامزد ڪيل اميدوارن سامهون چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ چونڊن ۾ بيٺل انهن سمورن اميدوارن سان ملاقاتون ڪن ۽ کين قيادت جي فيصلي کان تفصيلي طور آگاهي ڏيندي هٿ کڻائڻ جي ڀرپور نموني ڪوشش ڪئي.