ڪراچي (رپورٽ: حبيب  جمالي ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران  پولنگن تي  ووٽرن ۽ عملي جي حفاظت جي ذميواري ايس ايچ اوز حوالي، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ غلام  نبي ميمڻ جي صدارت ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 245 تي ننڍي چونڊ دوران سيڪيورٽي انتظامن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته چونڊن دوران آر آر ايف، سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ  جي نفري پڻ اليڪشن ڊيوٽي ڏيندي، هن هدايت ڪئي ته مڪاني چونڊن ۽ ننڍي چونڊ جي موقعي تي سرويلينس ( نگراني) ۽ وقت سر ايڪشن تي فوڪس ڪيو وڃي. هن اسپيشل برانچ کي هدايت ڪئي ته حساس پولنگ اسٽيشنز جي آسپاس ڪڙي نگراني، ريڪي ۽ ايڊوانس انٽيليجنس ڪليڪشن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي پوليس قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ ايجنسين سان مضبوط رابطن کي يقيني بڻائي، پولنگ اسٽيشنز تي شهرين ۽ اسٽاف جي سيڪيورٽي جون ذميواريون لاڳاپيل ايس ايچ اوز جي نگراني ۾ يقيني بڻايون وڃن، هن هدايت ڪئي ته ڪيو آر ايف ۽ رزرو پلٽون کي تيار رکيو وڃي، چونڊن جي عمل کي پرامن بڻايو وڃي، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عمل ڪرايو وڃي، ان حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي