ٺري ميرواھ (ن پ ا ) ڳوٺ شاھ محمد لغاري ڀرسان جڳهه تي مزدوري ڪندڙ نوجوان خاوند بخش پٽ ميرل بنگلاڻي جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کي علاج لاءِ ٺري ميرواھ اسپتال آندو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته موقعي تي موجود نوجوان جي امڙ نظيران بنگلاڻي ٻڌايو ته اسين اصل ٺل شھر جا رهواسي آھيون، اطلاع مليو ته پٽ مزدوري دوران بيهوش ٿي ويو آھي کيس اسپتال آڻي رهيا هئاسين ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.