مورو(ن پ ا) مورو جي يوسي لنڊڪي ڳوٺ غلام نبي لاشاري جي رهواسي پورهيت صدام حسين لاشاري نانگ جي ڪکڻ سبب فوت، گهر ۾ ڪهرام، وارثن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا. مورو ويجھو ڳوٺ غلام نبي لاشاري جي رهواسي پورهيت صدام حسين لاشاري کي نانگ ڪکي وڌو جنهن کي وارث مورو اسپتال کڻي پھتا، جتي نوجوان جي جسم ۾ زھر ڦھلجڻ سبب نوابشاهه منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ھوڏانھن وارثن الزام ھڻندي چيو ته مورو اسپتال ۾ نانگ جي ڪکڻ کان بچڻ لاءِ انجيڪشن نه ڏني وئي جنھن سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آھي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسپتال انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن.