لاڙڪاڻو/قمبر (نمائندن وٽان) قمبر ويجهو معصوم نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت. خبر موجب ڳوٺ محمد مراد جاگيراڻي ۾ مڇي جي تلاءَ ۾ وهنجندي 4 ڪلاس جو شاگرد سينگار جاگيراڻي ٻڏي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي وارث چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارثن ٻڌايو ته نينگر گهر ٻاهران پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجندي ٻڏي بيهوش ٿي ويو جنهن کي اسپتال آندو ته هو فوت ٿي ويو، هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد شاگرد جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا.