خيرپور (رپورٽر) ايڍشنل سيشن جج ٺري ميرواھ جي عدالت پير وسڻ لڳ ڳوٺ پسڻ اڄڻ مان نوجوان ناري مسمات پٺاڻي اڄڻ کي جنسي ڏاڍائيءَ جي ارادي سان اغوا ڪري کڻي وڃڻ جو پنجن جوبدارن محمد حنيف، محمد سومر، نظام الدين، نصير احمد ۽ اشرف علي خلاف پير وسڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ياد رهي ته فريادي غلام رسول اڄڻ پنھنجي وڪيل راجا عبدالحميد خاصخيليءَ معرفت عدالت ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل جوابدار سندس گھر ۾ زبردستي ھٿيارن جي زور تي داخل ٿي سندس نوجوان ڀيڻ مسمات پٺاڻي کي زبردستي اغوا ڪري زنا جي ارادي سان کڻي وڃي رهيا هئا، ان دوران هو گھر ۾ پيل ٽي تولا سون ۽ 50 ھزار رپيا روڪ پڻ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ايس ايچ او پير وسڻ کي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.