کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ سيد قطب شاهه جي ميلي ۾ قتل ٿي ويل شمن علي راڄڙ قتل ڪيس جا ٻه جوابدار گرفتار، عدالت ۾ پيش، 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي. ان سلسلي ۾ کپرو لڳ اڇڙي ٿر ۾ سيد قطب شاهه جي ميلي ۾ پلاند ۾ ھٿياربندن هٿان گوليون هڻي قتل ڪيل شمن علي راڄڙ جي قتل ڪيس۾ نامزد 6 جوابدارن مان 2 جوابدارن ڪليم الله راڄڙ ۽علي نواز راڄڙ کي کپرو پوليس گرفتار ڪري ورتو کين اڄ رمانڊ لاءِ سول جج کپرو بلاول ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي کپرو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته انهيءَ ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آھن.