جھول (ن پ ا) جهول لڳ سڙي فوت ٿيل ناري ڪائنات ملوڪاڻي جو ڪيس ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود داخل نه ٿيو، نه ئي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي. ان بابت ناري جي ڀاءُ علي رضا ملوڪاڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڀيڻ جي ساهرن کيس ساڙي قتل ڪيو آهي ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي اسان ٿاڻي تي وڃون ٿا ته پوليس واپس روانو ڪريو ڇڏي ته جاچ ڪريون پيا ۽ ثبوت گڏ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن الزام ھيٺ آيل ڌر جو چوڻ آهي ته اسان تڏي تي ويٺل آهيون في الحال ڪوبه موقف نه ڏينداسين، ناري جي والده کي پڻ پهرين ڏينهن کان مسلسل بي هوشي جا دورا پئجي رهيا آهن ان کي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.