ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ماٽرو ڀرٽ ۾ 5 ڏينهن اڳ زمين تڪرار تان بي دردي سان قتل ٿيل پيرسن عورت سياڻي ڀرٽ جي ڀاءُ پاران مک جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ڪيو ويو. مقتولا جي پيرسن فريادي ڀاءُ عبدالغفور ۽ سندس عزيزن غلام رسول غلام سرور ڀرٽ جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻار ساڻ ڪري سخت گرمي ۾ احتجاج ڪندي مقتولا جي ڀاءُ عبدالغفور ڀرٽ صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ کي سندس پٽ علي گوهر حسين سندس عزيز ممتاز منٺار ۽ جمعو ڀرٽ ڳوٺ جي بااثر منصور ڀرٽ جي چرچ تي هٿيارن جي زور تي مون وٽان کڻي ويا هئا جنهن کي پٽن ۽ مٿي ڄاڻايلن زمين نه لکي ڏيڻ تي بندوق جا فائر ڪري بي دردي سان قتل ڪيو جنهن جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو جنهن ڪري جوابدار اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ۽ اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکيڙي رهيا آهن. هنن وس وارن کان تحفظ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.