اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ۾ امبرين تي مڙس ۽ ڏير بنا اجازت مائٽن وڃڻ جو بهانو بڻائي مبينا طور تشدد ڪيو، امبرين دانهيندي چيو ته ڀاءُ جي طبيعت خراب هجڻ سبب سندس خيريت معلوم ڪرڻ مائٽن ڏانهن ويس، ڏير سالم مائٽن وٽان واپس وٺي ويو،گهر پهچڻ تي مڙس سالڪ عرف سالو ۽ ڏير سالم بي رحماڻو شدد ڪيو، جسم تي ڪارا داغ ٺهي ويا آهن. هوڏانهن درمحمد، محمد اسحاق، نثار احمد، نوربانو، پروين خاتون احتجاج ڪندي چيو ته امبرين خاصخيلي تي مڙس سالڪ عرف سالو پنهنجي ڀاءُ سالم خاصخيلي سان گڏجي پيڪين وڃڻ جو بهانو بڻائي وحشياڻي تشدد ڪيو آهي.هنن چيو ته پيروسڻ ٿاڻي تي زخمي عورت کي کڻي ويا جتي پوليس اين سي داخل ڪرڻ بعد ليٽر ڏيئي خيرپور علاج لاءِ ريفر ڪيو آهي. نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.