حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا. قاسم آباد جي ڳوٺ سنجر ملاح جي رهواسي پورهيت سليمان سبزوئي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي دانهيو ته هفتو اڳ علائقي جي بااثر شير محمد سبزوئي پنهنجي اڳوڻي طلاق ڏنل زال ريما سان مٿس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي سروٽن سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي خلاف نسيم نگر ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. وحدت ڪالوني جي رهواسي پيپلزپارٽي جي جهوني جيالي فدا علي ولهاري پارٽي پاران نظرانداز ڪرڻ خلاف پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو محترمه بينظير ڀٽو جو گارڊ رهيو پر افسوس محترمه جي شهادت کانپوءِ هو ننڌڻڪو ٿي ويو آهي. ٿاڻي بولا خان جي رهواسي عزيز الله شهڻو پنهنجي والد رسول بخش ۽ ڀاءُ حبيب الله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مبينا طور الزام هنيو ته ايس ايچ او ٿاڻو بولا خان پنهنجي عملي سميت بنا وارنٽ جي سندن گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ گهرڀاتين مٿان تشدد ڪري کيس کنڀي کڻي ويا. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن مٿس ٿاڻي تي تشدد ڪيو ويو ۽ آزاد ڪرڻ وقت ڌمڪي ڏني وئي ته هن ڪو احتجاج ڪيو ته مٿس ڪيس داخل ڪيا ويندا. هن چيو ته آزادي بعد ايس ايچ او ٿاڻو بولا خان مٿس چوري جا 2 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن جيڪو عمل ناانصافي آهي. ميرپورخاص جي راڻا ڪالوني جي رهواسڻ نور بانو زال عبدالله منڱهار پنهنجي ڀائٽي گلزار علي، ڀاڄائي رضيا ۽ بااثر ماڻهن جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته سندس مرحوم ڀاءُ جان محمد جي گهر واري بااثر ماڻهن سان گڏجي سندس خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي جڏهن ته دانهڻ تي هن بااثرن سان ملي سندس مڙس عبدالله مـڱڻهار تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته معاملن جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.