اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 30 رپيا في لٽر اضافي کان پوءِ يوٽيلٽي اسٽور تي به اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوٽيلٽي  اسٽورن تي 20 ڪلو اٽي جي قيمتن ۾ 180 رپين جي قيمت وڌائي 980 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي جي 10 ڪلو جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 90 رپين جو اضافو ڪري ان جي قيمت 400 رپين کان وڌائي 490 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌي مجموعي طور تي 16.97 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، هفتي دوران ملڪ اندر 27 شين جي قيمتن ۾ اضافو، رڳو 5 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 19 شين جون قيمتون برقرار رهيون، جيڪي 27 شيون مهانگيون ٿيو انهن ۾ کير جي لٽر تي 4 رپيا 17 پيسا، ڏهي جي ڪلو تي 3 رپيا 26 پيسا، آنن جي درزن جي قيمتن ۾ 9 رپيا 71 پيسا واڌ ٿي، پٽاٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ 3 رپيا 15 پيسا، ٽماٽر 4 رپيا 48 پيسا، بصر 2 رپيا 29 پيسا، کنڊ جي في ڪلو قيمتن ۾ 71 پيسن جو اضافو ٿيو،  باسمتي ٽوٽا چانورن جي في ڪلو قيمتن ۾ 5  رپيا 10 پيسا، سرنهن جي تيل جي في ڪلو قيمتن ۾ 19 رپيا 63 پيسا، دال مسور جي في ڪلو قيمتن ۾ 9 رپيا 87 پيسا، دال چڻن جي قيمتن ۾ 4 رپيا 54 پيسا، دال ماش جي في ڪلو قيمتن ۾ 3 رپيا 77 پيسا، دال مڱ جي في ڪلو قيمتن ۾ هڪ رپيو 15 پيسا، ايري چانورن جي في ڪلو قيمتن ۾ هڪ رپيو، گيهه جي في ڪلو قيمتن ۾ 4 رپيا 74 پيسا، اڍائي ڪلو کاڄرو تيل جي ڊٻي جي قيمتن ۾ 12 رپيا هڪ پيسا اضافو ٿيو.