اسلام آباد (رپور: ايم بي سومرو) وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جي اثرن کان غريب ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 40 لک گهراڻن کي ماهوار 2 هزار رپين جي مالي امداد ڏيڻ لاءِ 28 ارب رپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف ميثاق معيشت تي اتفاق راءِ لاءِ تمام سياسي پارٽين سان  مشاورت جو آغاز ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه ٽي وي ذريعي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه هفتا اڳ جنهن ذميواري لاءِ چونڊيو ويو اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي، هن مرحلي ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ ڪڙي امتحان کان گهٽ ناهي، جڏهن ته گذريل پوڻن 4 سالن ۾ ملڪ کي تباهه ۽ سنگين حالتن کان بچائڻ مقصد آهي، مون کي اها ذميواري منهنجي پارٽي جي قائد نواز شريف ۽ اتحادي پارٽين جي سربراهن ڏني آهي، جنهن تي ٿورائتو آهيان،پاڪستان جي عوام مطالبو ڪيو ته نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت کان فوري طور تي جان ڇڏائي وڃي، اپوزيشن جي پارٽين عوام جي مطالبي تي لبيڪ ڪيو ۽ آئين پاڪستان جي تمام جمهوري تقاضائن کي پورو ڪندي تبديلي کي يقيني بڻايو، پهريون ڀيرو دروازا کوليا ويا دروازا اورانگهيا نه ويا، جڏهن حڪومت سنڀالي هر شعبو تباهي جي داستان ٻڌائي رهيو هو، 30 سالن کان عوام جي خدمت دوران اهڙي تباهي مون ڪڏهن نه ڏٺي جيڪا اڳوڻي حڪومت پنهنجي پوڻن چئن سالن جي حڪمراني بعد ڪري وئي آهي، اهو ئي سبب آهي ته اسان پاڪستان کي بچائڻ جو چيلينج قبول ڪيو، بهتري لاءِ اڻ ٿڪ محنت ۽ وقت گهربل هوندي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سياست لب  ۽ لهجي ۾ نفرت جو زهر ڦهلايو ويو، سفارتي خط جي نام نهاد سازش گهڙي وئي، خطرناڪ ڪوڙ ڳالهايو ويو، قومي سلامتي ڪاميٽي ٻه ڀيرا واضح ڪيو ته اهڙي ڪا به سازش نه ٿي آهي، آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي تڏهوڪي سفير به سازش جي عمل کي رد ڪيو پر هڪ شخص مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيوآهي، منفي سياسي ايجنڊا خاطر قومي مفادن ۽ سفارتي تعلقاتن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، اگر ڪو شخص سمجهي ٿو ته ان جو غرور آئين ۽ ادارن کان مٿي آهي ته اها ان جي ڀل آهي، پاڪستان آئين مطابق هلندو ان شخص جي ضدر مطابق نه هلندو، نواز شريف جي اڳوڻي دور ۾ چيني صدر جي دوري دوران به ان شخص ڌرڻي جو ڊرامو رچايو، جنهن ڪري چين سان معاهدي ۾ دير ٿي، هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بنائڻ حڪومت جو اولين فرض آهي، جنهن تي سمجهوتو نه ڪنداسين، اڳوڻا حڪمران جيڪي حقيقتن تي پردا وجهي رهيا آهن انهن کي عوام سامهون آڻڻ ضروري آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو توهان ڪيو، آءِ ايم ايف جا سخت شرط توهان تسليم ڪيا، اسان تسليم ناهن ڪيا، عوام کي مهانگائي، ملڪ کي بدترين قرضن هيٺان دفن توهان ڪيو، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن توهان جي دور ۾ ٿي، لوڊشيڊنگ جا انڌيرا توهان واپس آندا، معيشت جو ساهه توهان بند ڪيو، ان جا ذميوار توهان آهيو،اسان سامهون صرف هڪ مقصد آهي ته پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي يافته قائد جو پاڪستان بنائڻو آهي، ان لاءِ هر مشڪل فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هر اهو قدم کڻنداسين جنهن سان نااهلي ۽ ڪرپشن جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي سگهي،وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ اسان جي حڪومت ڊالر کي 115 رپين تي ڇڏي وئي هئي، اڳوڻي حڪومت پوڻن چئن سالن ۾ 189 رپين تي پهچايو، ان سان مهانگائي جي باهه شديد ٿي وئي ۽ قرض جو بار ملڪ لاءِ ناقابل برداشت ٿي ويو، گذريل حڪومتي دور ۾ اڳوڻي حڪومت 20 هزار ارب رپين کان وڌيڪ قرضن ۾ اضافو ڪيو، هلندڙ مالي سال دوران بجيٽ خساري جو تخمينو 5 هزار 600 ارب رپيا آهي، اهو خسارو تاريخ جو بلند ترين خسارو آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت وارا اقتدار مان ويا ته 7 هزار 500 ميگاواٽ جا بجلي گهر  بند هيا، انهن کي هلائڻ لاءِ تيل جو بندوبست نه ڪرڻ جي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي،وزيراعظم چيو ته اسان دل تي پٿر رکي پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، اهو فيصلو اسان ڇو ڪيو آهي ان جا تفصيل عوام اڳيان آڻڻ تمام ضروري آهن، اهو فيصلو پاڪستان لاءِ معاشي طور ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري هو، ان سطح تي ملڪ کي اڳوڻي حڪومت پهچايو، دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن، اڳوڻي حڪومت سياسي فائدي لاءِ سبسڊيز جو اعلان ڪيو، جنهن جي خزاني ۾ ڪا گنجائش نه هئي، اسان سياسي مفادن کي قومي مفادن تي قربان ڪرڻ کي فرض تصور ڪيو، وزيراعظم چيو ته غريب عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي کان بچائڻ لاءِ 28 ارب رپين جي رليف پيڪيج  جو اعلان ڪيان ٿو، ان پيڪيج ذريعي هڪ ڪروڙ 40 لک گهراڻن کي ماهوار 2 هزار رپيا ڏنا ويندا، انهن گهراڻن جي ڪل آبادي ساڍا 8 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل آهي، اها رقم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ مالي امداد کانسواءِ آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ به اهو رليف پيڪيج شامل ڪيو ويندو، يوٽيلٽي اسٽورن کي 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 400 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، شهباز شريف چيو ته داخلي محاذ وانگر خارجي محاذ تي به اڳوڻي حڪومت جو دور خطرناڪ ثابت ٿيو، پاڪستان جو ساٿ ڏيندڙ قابل اعتماد دوستن کي ناراض ڪيو ويو، تعلقاتن جي بحالي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڀارت جي ذميواري آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل هڪ طرفه قدم ختم ڪري جيئن والاريل ڪشمير سوڌو سمورن تڪراري مامرن تي ڳالهه ٻولهه ذريعي اڳڀرائي ٿي سگهي، دهشتگردي جي صورت ۾ چيلينج به موجود آهي، اهو فتنو ڪر کڻي رهيو آهي، صوبن سان گڏ ان لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي، نيشنل ايڪشن پلان جي نئين سر بحالي تي ڪم شروع ڪيو آهي، گذريل 4 سالن ۾ ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي کسي وئي، مخالفن کي سخت ترين سزائن مان گذاريو ويو، جنهن ڪري پاڪستان کي صحافت لاءِ بدترين ملڪ قرار ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم کي ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي کسيندڙ آمرن ۾ شامل ڪيو ويو، اسان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد اظهار راءِ جي آزادي کي کسڻ  هو، پوري قوم اندروني خلفشار تي ضابطي کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي، هن چيو ته حڪومت سياسي، گروهي تقسيم کان بالاتر ٿي عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پوڻا 4 سال اڳ اپوزيشن ليڊر طور مون ميثاق معيشت جي تجويز ڏني هئي، جنهن کي حقارت سان رد ڪيو ويو، ميثاق معيشت تي اتفاق لاءِ تمام سياسي پارٽين سان مشاورت جو آغاز ڪري رهيو آهيان، جيئن ملڪ ۾ معاشي تسلسل کي يقيني بڻائي سگهجي، مشڪلاتون بي پناهه ۽ رستو ڪنڊن سان ڀريل آهي، پر الله تعاليٰ محنت سان ڪم ڪندڙن جي محنت کي رائيگان نه ڪندو آهي، منهنجي ڪابينا هر فيصلي لاءِ عوام جي عدالت ۾ جوابده هوندي، قوم خاص طور تي سياسي مخالفن لاءِ پيغام آهي ته اچو ته پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻايو جنهن ۾ اختلاف راءِ کي دشمني نه سمجهيو وڃي، تنقيد کي حوصلي سان برداشت ڪيو وڃي، درسگاهن جا دروازا کلن، نفرت گاهن جا دروازا بند ٿين، اقيلت جي حقن جو تحفظ، مزدور ۽ هاري خوشحال ٿين، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ۽ روزگار جي فراهمي ٿئي ۽ جتي عدل باعث فخر هجي.