وڏي وزير کان سوال پُڇڻ تي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو صحافي تي ڏمرجي پيو

0
481

ڀان سيد آباد:  منڇر ڍنڍ جي دوري دوران وڏي وزير کان سوال پُڇڻ تي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو مقامي صحافي تي ڏمرجي پيو، صحافين جي احتجاج تي وڏي وزير مراد علي شٰاهه صحافي کان معافي ورتي

وڏي وزير مراد علي شاهه موقعي تي ئي ڳالهيون ڪري ايم اين اي ۽ صحافي کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو

منڇر ڍنڍ ۽ جوهي جي دورن دوران وڏي وزير اڳيان برسات متاثرن سار نه لهڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽  نعريبازي پڻ ڪئي

وڏي وزير چيو ته خبر آهي ڪنهن کي راشن ۽ خيما نه مليا آهن، جيئن ئي خيما آيا ته متاثرن کي ڏنا ويندا

ھي به پڙھندا

ڀان سيد آباد لڳ ٻيڙي اونڌي: 10 ڄڻا ٻڏي فوت

سُپريو بند کي گهاري بعد ڪي اين شاهه شهر ٻڏڻ جو خطرو