سُپريو بند کي گهاري بعد ڪي اين شاهه شهر ٻڏڻ جو خطرو

0
484

ڪراچي(نمائندن وٽان) سُپريو بند کي گهاري بعد ڪي اين شاهه شهر ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو، انتظاميا شهر ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڳوٺ بهادرپور وٽ سُپريو بند کي لڳل گهارو ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ هڪ هزار فٽ ٿي ويو

گهاري جو پاڻي 60 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙڻ بعد شهر ڏانهن وڌي رهيو آهي، علائقي واسين ۾ خوف جي لهر آهي، جڏهن ته شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ  ڪري رهيا آهن

ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ بعد سرڪاري آفيسز مان به مشينري منتقل ڪئي پئي وڃي

ڪي اين شاهه ڀرسان دٻر سِم شاخ جون موريون بند نه ٿي سگهيون، ايم اين اي ڊرين جو تيز وهڪرو خدا واهه طرف وڌي رهيو  آهي

ھي به پڙھندا

جوهي شھر ٻڏڻ جو خطرو، ٻيڙيون ۽ 2 هيليڪاپٽرز پھچايا ويا

ڀان سيد آباد لڳ ٻيڙي اونڌي: 10 ڄڻا ٻڏي فوت