ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 7 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ جاري ڪيل مانيٽري پاليسي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيبروري مهيني ۾ بجلي جي اگهن ۾ اضافي سبب اپريل ۾ مهانگائي وڌي 11.1 سيڪڙو تي پهچي وئي هئي، جنهن سبب توانائي توڙي کاڌي جي شين جي اگهن ۾ پڻ اضافو ٿيو، اسٽيٽ بينڪ موجب هلندڙ سال جي وچ ڌاري مهانگائي جي شرح 7 کان 9 سيڪڙو رهندي، جنهن ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جا امڪان آهن، پاليسي موجب ڪورونا صورتحال هڪ پاسي صنعتي پيداوار توڙي ايڪسپورٽ کي متاثر ڪيو آهي، ته ٻئي طرف عام ماڻهن جي زندگي به متاثر ٿي، حڪومت پاران ورتل قدمن سبب صنعتي پيداوار ۽ ايڪسپورٽ ۾بهتري آئي آهي، هن وقت صنعت واري شعبي ۾ ترقي جي رفتار 3.6سيڪڙو تي پهتل آهي، خاص طور تي غذائي شيون، سيمنٽ، ٽيڪسٽائل، آٽوموبائل وارن شعبن ۾ بهتري سبب معيشت کي هٿي ملي آهي، زرعي شعبي ۾ پڻ اضافي جي رفتار 2.8 سيڪڙو رهي، ڪڻڪ، چانور ۽ مڪئي جي به رڪارڊ پيداوار لٿي، جڏهن ته ڪمند جي پيداوار پڻ بهترين رهي، حڪومت پاران ورتل ڪوششن سبب هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن دوران مالي خسارو گهٽ رهيو، اسٽيٽ بينڪ موجب اپريل مهيني ۾ 2.8 ارب ڊالر پرڏيهي ناڻو ڏيهه پهتو، جنهن بعد اسان وٽ ناڻي جا مجموعي ذخيرا 24.2 ارب ڊالرن تي وڃي پهتا، جڏهن ته اسان جي ايڪسپورٽ پڻ 14 سيڪڙو وڌي چڪي آهي، اسان عالمي منڊي مان يورو بانڊ ذريعي 2.5 ارب ڊالر گڏ ڪيا، اسٽيٽ بينڪ موجب پرڏيهي قرضن جي ادائگين توڙي ڪورونا صورتحال باوجود اسان جو مالي خسارو جي ڊي پي جو رڳو 3.5 سيڪڙو مس آهي، جيڪو گذريل سال جي نسبت 0.6 سيڪڙو گهٽ آهي، اسٽيٽ بينڪ موجب سرڪار پاران سيلز ٽيڪس سميت مختلف ٽيڪسن جي بهتر وصولي سان ايف بي آر جي وصولين ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ضمني گرانٽس تي پابندي ۽ ڪفايت شعاري سبب غير ضروري خرچن ۾ 6.7 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، اسٽيٽ بينڪ موجب ڪڻڪ جي اگهن ۾ ڪي قدر گهٽتائي ٿي هئي پر ميوات، ڀاڄين، کير، ڪڪڙ جي گوشت ۽ کاڄرو تيل جي اگهن ۾ ٿيل واڌ انهي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو، اسٽيٽ بينڪ موجب ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي جو دارومدار غذائي شين ۽ توانائي جي قيمتن، پگهار ۾ واڌ توڙي معاشي بحالي تي هوندو.