اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته جولاءِ کان مهانگائي ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ، دالون درآمد ڪرڻ سبب شين جون قيمتون وڌيڪ آهن. مهانگائي جو هڪ سبب هاري ۽ هول سيل مارڪيٽ ۾ قيمتن جو فرق به آهي. جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جو اثر پاڪستان ۾ به ايندو. شوڪت ترين چيو ته حڪومت ايندڙ نئين بجيٽ ۾ ٽيڪس لڳائڻ جو ارادو نٿي رکي پر حڪومت ٽيڪنالاجي جي استعمال کان ٽيڪس بيس وڌائيندي. آءِ ايم ايف سان اسان جون ڳالهيون جاري آهن. اسٽيٽ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته اسان اوهان جو حدف پورو ڪنداسين. پر ٽيڪس مٿان ٽيڪس نه لڳائينداسين. هن وقت اها شيءَ ڪنداسين جيڪا اسان جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي صورتحال ٽيڪس وصولين کي متاثر ڪيو آهي.