اسلام آباد (م ڊ) سمنڊ پار پاڪستاني ووٽ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچي ويا، احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ووٽنگ جو طريقيڪار واضح ڪيو وڃي، وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گِل مظاهرين کي مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.