اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ڪالهه آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، وزيراعظم طرفان ڪاميٽي جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي وئي، ذريعن موجب ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم کي انٽيليجنس سهڪار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير، انٽيليجنس سروس ايجنسيز ۽ ايف آءِ اي سربراهه به شريڪ هئا، جڏهن ته آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر پهچڻ تي وزيراعظم ۽ وزيرن جي آجيان ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪئي.