اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ رهندو يا نڪرندو؟ پيرس ۾ هلندڙ اجلاس ۾ جلد فيصلي جو امڪان آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورن شرطن تي عملدرآمد باوجود پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ غيرمناسب هوندو، ڀارت ايف اي ٽي ايف جو فورم سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي کيس اجازت نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف هڪ ٽيڪنيڪل فورم آهي، جنهن کي سياسي مقصد اڪلائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته ايف اي ٽي ايف جو پيرس ۾ اجلاس هلندڙ آهي، سڀاڻي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکجي يا ڪڍيو وڃي. ماهرين جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٿوري سهولت ڏئي وڌيڪ گري لسٽ ۾ رکيو ويندو.