ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سينيئر وڪيل کي ڏاڙهي زخمي ڪندڙ 2 ڪتن کي تحويل ۾ ورتو ويو، ڪتن جي مالڪ همايون خان جي گرفتاري کا اڳ واري ضمانت ۾ واڌ، ان ڏس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ڊفينس جي علائقي ۾ پالتو ڪتن پاران سينيئر وڪيل مرزا اختر تي حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪتن جي مالڪ همايون علي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ 25 جون تائين واڌ ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ، ڪالهه ٻڌڻي جي موقعي تي ڪراچي بار جي صدر نعيم قريشي سميت وڪيلن جي وڏي انگ ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل وڪيل مرزا اختر جي حمايت ۾ عدالت ۾ پيش ٿي ڪتن جي مالڪ جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي مخالفت ڪئي. ان موقعي تي جوابدار همايون علي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار جي طبيعت ٺيڪ ناهي، هن وقت اسپتال ۾ داخل ٿيل آهي، جڏهن ته زخمي وڪيل جي ساٿي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته جوابدار پاران پيش ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڪوڙو آهي، هن عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان بچڻ لاءِ اهڙو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي، عدالت ڄاڻايل جوابدار همايون خان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ 25 جون تائين واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن پوليس ڪينٽونمينٽ بورڊ جي اختيارين سان گڏجي ٻنهي ڪتن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.