وفاق جيڪو نصاب لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي قبول نه ڪنداسين: وڏو وزير مراد شاهه

0
256
وفاق جيڪو نصاب لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو
وفاق جيڪو نصاب لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي قبول نه ڪنداسين: وڏو وزير مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ هر صوبو پنهنجو نصاب ٺاهي سگهي ٿو،  پر  وفاقي حڪومت ان کي هڪ طرفي لاڳو ڪرڻ گهري ٿي جيڪو قبول نه ڪنداسين،

پنجاب اسيمبلي جي 29 رڪني وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات  دوران ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مادري ٻولي جي تعليم کي تدريس جو سڀ کان مؤثر ذريعو سمجهيو وڃي ٿو تنهنڪري اسان جي ترجيح آهي ته سنڌي ٻولي مطابق  نصاب جوڙيو وڃي. اسان وڏي محنت ڪئي آهي ته نصاب کي بهتر بڻايو وڃي. پر وفاقي حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي سندس جوڙيل نصاب لاڳو ٿئي پر  اسان اڳ ۾ ئي پنهنجو نصاب جوڙي ورتو آهي .

هن گذريل آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي 16 ملين ڏيکاري وئي جيڪا غلط هئي حقيقي آبادي تحت قومي وسيلن ۾ سنڌ کي حق ملڻ گهرجي.. هن چيو ته اسان جا دريا پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن تنهنڪري سنڌوءَ درياءَ تي ڀاڙڻ اعتبار جوڳو نه آهي ۽ حب ڊيم ۾ پاڻي جو محدود ذريعو آهي ان ڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته سامونڊي پاڻي کي ڊي سالينيشن پلانٽس لڳائي پاڻي صاف ڪيو وڃي.

هن چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته ڪراچي کي ڏوهارين وارو ڇهون خطرناڪ شهر قرار ڏنو ويو پر پوءِ هڪ بهترين آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ حڪومتي رٽ قائم ڪئي وئي ۽ هاڻي ساڳيو شهر ڪراچي دنيا جي ڪرائم انڊيڪس ۾ 136هين نمبر تي آهي.

هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کانپوءِ پهريون ڀيرو شاهراهه فيصل ۽ طارق روڊ کي ٻيهر تعمير ڪندي ڪشادو پڻ ڪيو آهي. اسان ٻيا ڪيترائي روڊ، فلائي اوور ۽ انڊر پاس ٺاھيا آھن ۽ اڃان گھڻو ڪم ڪرڻو آھي. صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن. اين آءِ سي وي ڊي ۽ جناح ۾ سائبرنائف اسپتالون مفت ۾ بھترين خدمتون مهيا ڪري رھيون آھن ، مفت انجيوگرافي، اينجيوپلاسٽي ۽ بائي پاس ڪري ٿي. ۽ سائبرنائيف مفت ۾ ڪينسر جو علاج مهيا ڪري ٿو.

سنڌ جي وڏي وزير وفد کي دعوت ڏني ته ٿر جو دورو ڪري سنڌ حڪومت پاران ڪيل ڪم ڏسڻ لاءِ ذاتي مشاهدو حاصل ڪري. هن چيو ته هاڻي ٿر ملڪ جو بجلي پيدا ڪندڙ شهر بڻجي ويو آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ شهيد بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو جنهن ڪوئلي جي کاڻ ۽ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا جيڪي انهن ڏينهن ۾ نه ٿي سگهيا پر ابتدائي ڪم ان وقت ٿي چڪو هو، هن پنجاب جي ايم پي ايز جي دوري کي ساراهيندي چيو ته اهڙا دورا سياسي هم آهنگي کي هٿ وٺرائڻ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.وفد ۾ پي ٽي آءِ جا 18 ايم پي ايز، 6 مسلم ليگ ن ۽ چار پيپلز پارٽي جا ميمبر شامل هئا.