وفاق جو تماشو ڪيسيتائين هلندو؟

0
349

                 اها اسان جي بدقسمتي ئي ليکي ويندي ته شروع کان ئي هن ملڪ ۾ ڪا چڱي  حڪمراني فقط خواب ئي رهي آهي، پراڻي پاڪستان جي پراڻين حڪومتن جا حال ڏسڻ کان پوءِ  هن وقت  نئون پاڪستان به اسان جي اکين آڏو آهي. نئين پاڪستان ۾ نين مصيبتن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ پاڻ کي نئين نسل کي ماضي سان واقفيت ڪرائڻ لاءِ هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هيل تائين جي سموري حڪومتي تاريخ تي سراسري نظر ڊوڙائڻي پوندي.

1947ع ۾ انگريز سرڪار جي قبضي مان ٻه نوان ملڪ وجود ۾ آيا جيڪي فطري طرح نه پر مذهب جي بنياد تي وجود ۾آيا، پاڪستان سان گڏ هندستان جي حڪومتي تاريخ به انيڪ دلچسپين سان ڀريل آهي پر پاڻ ذڪر ڪريون ٿا پنهنجي ملڪ پاڪستان جو.

پاڪستان جي انتظامي سربراهن ۽ حڪومتي سربراهن جي تاريخ تي هڪ نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته هن ملڪ جي بنياد پوندي ئي پهريون غيرفطري ۽ غير منطقي حڪمران مقرر  ٿيو ۽ اها ئي هن ملڪ جي پهرين بدنصيبي ثابت ٿي جو هندستان مان لڏي آيل هڪ پناهگير کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو، کيس سڀني اصلي ۽ قديمي قومن جي مٿان مسلط ڪري پراڻي زماني جي بادشاهتن جي ياد تازي ڪرائي وئي جنهن ۾ طاقتور فاتح  تلوار جي زور تي ملڪ فتح ڪري پنهنجا نمائيندا مقرر ڪندا هئا. ايئن ئي برطانيه جي بادشاهه به پنهنجي لشڪر ذريعي برصغير ۽ سنڌ تي قبضو ڪرايو. اڳتي هلي پاڪستان جي نالي تي انهن کان آزادي ته ورتي ويئي ليڪن اها آزادي به اڌوري رهي ۽ لڏي آيل غيرملڪين کي اسلام جي نالي جي عيوض پنهنجو ڀاءَ تسليم ڪرائي پنجاب، سرحد، سنڌ، بلوچستان ۽ ويندي بنگال جو به انهن کي سربراهه مقرر ڪيو ويو جنهن مان لڳو ٿي ته جهڙوڪر انهن سمورن خطن ۾ حڪومت سنڀالڻ لاءِ ان وقت ڪو هڪ به قابل ۽ موزون شخص هئو ئي ڪونه.

 لياقت علي خان 14 آگسٽ 1947ع کان 16 آڪٽوبر 1951ع تائين ملڪ جو وزيراعظم رهيو، سندس حڪومت جو خاتمو ان ڪري ٿيو جو کيس قتل ڪيو ويو. ان کانپوءِ جيڪي حڪمران آيا اهي ايئن تبديل ٿيندا ويا جيئن ڪرڪيٽ ميچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جي پٺيان رانديگر آئوٽ ٿيندا ويندا آهن، لياقت علي کان پوءِ هن ملڪ جي سربراهي بنگال جي خواجه نظام الدين جي حوالي ڪئي وئي جنهن کي 17 آڪٽوبر 1951ع تي ملڪ جو وزيراعظم بڻائي 17 اپريل 1953ع يعني صرف 18 مهينن کانپوءِ حڪومت تان لاٿو ويو جنهن کانپوءِ محمد علي بوگره کي آندو ويو جنهن جو به تعلق بنگال سان هو، طاقتور ڌرين پنهنجي غلطي جي ازالي لاءِ هڪ دفعو وري بنگال کي حڪومت جو وارو ڏنو ۽ 17 اپريل 1953ع کان 12 آگسٽ 1955ع تي هن کي به هٽايو ويو، اهڙي ريت هيءَ به 2 سال 4 مهينا حڪومت ڪري سگهيو. انهن ٻنهي بنگالين جي حڪومت جو  ڪل مدو 3 سال 10 مهينا هو. ان کان پوءِ چوڌري محمد علي کي 12 آگسٽ 1955ع تي ملڪ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو جنهن پاڪستان کي 1956ع جو آئين ڏنو، ليڪن هن کي به 12 سيپٽمبر 1956ع يعني  هڪ سال جي اندر ئي هٽايو ويو، ان کانپوءِ هڪ دفعو وري بنگالين کي راضي رکڻ لاءِ حسين شهيد سهروري کي 12 سيپٽمبر 1956ع تي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو جنهن 17 آڪٽوبر 1957ع تائين هڪ سال هڪ مهينو 5 ڏينهن حڪومت هلائي ۽ کيس به هٽايو ويو. هنن ٽنهي بنگالين جي حڪومتن جو ڪل مدو 4 سال 11 مهينا ٿيو. ٿوري وقت جي فرق سان بنگال جا ٽي وزير اعظم  لياقت علي خان جي دور جيتري مس حڪومت ڪري سگهيا. ان کان پوءِ وري اسماعيل ابراهيم چندريگر کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو جيڪو پڻ پناهگيرن مان هو. هو 17 آڪٽوبر 1957ع ۾ آيو ۽ 16 ڊسمبر 1957ع تي هن کي به هٽايو ويو. فيروز خان 16 ڊسمبر 1957ع کان 17 آڪٽوبر 1958ع تائين ملڪ جو وزيراعظم رهيو. سندس حڪومت جو وقت صرف 9 مهينن تائين رهيو.

1956ع ۾ ملڪ جو پهريون آئين چوڌري محمد علي جي حڪومت ڏنو، هي بظاهر ته  چوڌري هو پر اصل ۾ لڏي آيل قافلي وارن مان هو، سندس ڏنل آئين تائين ملڪ جو گورنر جنرل غلام محمد هو جيڪو قائداعظم جي وفات کان پوءِ ملڪ جو ٻيو گورنر جنرل هو جيڪو جنهن مهل جيئن چاهيندو هو تيئن حڪم هلائي حڪومتون پيو ڪيرائيندو ۽ ٺاهيندو هو، ليڪن 1956ع جي آئين کانپوءِ هن کي انڪري هٽايو ويو جو ان ۾ اسلامي جهموريه پاڪستان جي آئين تحت گورنر جنرل جي ڪابه گنجائش ڪانه هئي. اهڙي ريت ان وقت تائين سواءِ پويون 2 حڪومتون جيڪي سڪندرمرزا ختم ڪيون باقي سموريون حڪومتون غلام محمد ختم ڪيون جو هو ان وقت ملڪ جو گورنر جنرل هو.

مٿئين تاريخ کي انڪري به ورجايو ويو آهي جو اسان کي ۽ خاص طور تي سنڌ جي نوجوان نسل کي پنهنجي ويجهي ماضي کان  آگاهي ملي سگهي.اهڙي طرح هي ملڪ ان معاملي ۾ به بدقسمت رهيو آهي جو ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هن وقت تائين هر روز هتي ڪي نه ڪي نوان تجربا ڪيا پيا وڃن،  اهو ئي سبب آهي ته اسانجي ملڪ ۾ ڪابه حڪومت مستحڪم نه رهڻ جي ڪري ڪوبه علمي طرح نه ته پروگرام ڏيئي سگهي ۽ نه هن ملڪ جي وسيلن جو ڪو چڱو استعمال ڪري پنهنجي ملڪ جي غريب عوام لاءِ ڪو جوڳو پروگرام ڏيئي سگهي. اهوئي حال هيٺين سطح جي بيوروڪريسي جو پڻ آهي.  نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙ هن حڪومت ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي جي حالت پڻ هن وقت رحم جوڳي آهي، پنجاب جي حڪومت جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي عرصي ۾ بيوروڪريسي سان اهو ساڳيو حشر ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان جي منڍ ۾ سياسي ۽ غير سياسي حڪومتن سان ڪيو ويو. پنجاب ۾ رڳو ٽن سالن دوران 7  آئي جي پوليس تبديل ڪيا ويا آهن. سڀ کان پهرين ڪليم امام کي هٽايو ويو جنهن جي جاءِ تي محمد طاهر کي آئي جي پوليس مقرر ڪيوويو، ان کي ڪجهه ئي مهينن ۾ هٽائي امجد جاويد سليمي کي آئي جي مقرر ڪيو ويو، جنهن کي به صرف 6 مهينن ۾ هٽايو ويو اهڙي طرح ٽن سالن جي عرصي ۾ 7 آئي جي هٽايا ويا. عمران خان جڏهن اسلام آباد جي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ته اوهان کي ياد هوندو ته هن جلسي ۾ تقرير ڪري سنڌ حڪومت جو ذڪر ڪيو ۽ چيو  ته سنڌ حڪومت اي ڊي خواجه کي صرف انڪري هٽايو آهي جو هو هڪ ديانتدار ۽ ايماندار آفيسر آهي ۽ سنڌ حڪومت جو ڪوبه غلط حڪم مڃڻ لاءِ تيار نه هو انڪري هن کي هٽايو ويو.

حالانڪه اي ڊي خواجه سنڌ جو آئي جي پوليس 2016ع مارچ ۾ مقرر ٿيو ۽ جون 2018ع تائين رهيو يعني عمران خان کانسواءِ ٻه سال رهندڙ سنڌ جي آئي جي کي هٽائڻ جي پويان ڪرپشن نظر آئي ليڪن هاڻ ته هن پنهنجي تمام ويجهي ساٿي جيڪو پنجاب جو وڏو وزير آهي ان ته صرف 3 سالن جي مختصر عرصي ۾ 7 آئي جي مٽائي پاڪستان جي وزيراعظمن جي بار بار هٽائڻ جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو،  نه صرف آئي جي ليڪن ان عرصي دوران پنجاب جا 5 چيف سيڪريٽري به تبديل ڪيا ويا.

ان کان علاوه وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي جو ان مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٽن سالن ۾ ٽي خزاني جا وزير مٽايا ويا آهن جن ۾ اسد عمر، حفيظ شيخ ۽ حماد اظهر شامل آهن، اهڙي طرح 4 فنانس سيڪريٽرين کي به هٽايو ويو آهي. وڏي ۾ وڏي ڳالھه اها آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جيڪو سموري ملڪ جا ٽيڪس گڏ ڪري خزاني جي وزارتِ جي حوالي ڪندو آهي ۽ ملڪي آمدني جي وڏي ۾ وڏي ٽيڪس گڏ ڪرڻ وارو ادارو آهي ان جي 8 چيئرمينن کي هٽائي ملڪي تاريخ جو بدترين رڪارڊ پڻ ٺاهيو آهي. انهن اٺن  FBR چيئرمينن ۾ طارق محمود، رخسانه ياسمين، محمد جهانزيب خان، بشريٰ زيدي، نوشين جاويد، جاويد غني، عاصم احمد، ڊاڪٽر محمد اشفاق شامل آهن. اوهان سوچيو ته جڏهن خزاني جا وزير بار بار بدليا ويندا ۽ ايف بي آر جي چيئرمينن کي به بار بار هٽايو ويندو ته پوءِ ملڪ جي اقتصادي حالت جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهڙي ريت ملڪي پاليسين ۾ ڪو استحڪام نه رهڻ سبب ملڪ ۾ بين الاقوامي قرضن جو بار ايترو وڌي ويو آهي جو ان جو ڪوبه ڪاٿو نه آهي. هن حڪومت کان اڳ مشرف، پ پ ۽ ن ليگ جي ٽنهي دورن ۾ گڏيل طور  24 هزار هڪ سئو ارب جو قرض کنيو ويو هو پر عمران خان جي هن ٽن سالن واري حڪومتي دور ۾  14 هزار ارب کان به مٿي قرض کنيو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت تي ڪاوڙجي سنڌ حڪومت کان 900 اربن جو حساب گهري ٿي ته حيرت ۽ اچرج ٿئي ٿي.

ٻئي پاسي صرف سنڌ وفاق کي هڪ سال ۾ 9000 ارب جو ٽيڪس ڏئي ٿي. هوڏانهن وري جيڪڏهن سنڌ حڪومت آئي جي کي هٽائڻ لاءِ رڳو ڳالھه به ڪري  ٿي ته ان تي به اعتراض واريا ٿا وڃن.

سمجھه ۾ نٿو اچي ته ملڪي تاريخ جي هن بدترين دور ۾ سگهارا ادارا اڃان به ڇو خاموش آهن!

موجوده صورتحال ۾ لڳي ايئن رهيو آهي ته هن ملڪ جي واڳ ڪنهن مداري جي هٿ ۾ ڏيئي سڀ طاقتور ڌريون ٻاهران ويهي دوربيني سان تماشو ڏسي مزو وٺي رهيون آهن…