اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي بيورو ڪريسي جي مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا آهن، سيڪريٽريٽ گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد شاهد حسين کي ايم ڊي فيڊرل ايمپلائيز بيوئل فنڊ ۽ انشورنس گروپ فنڊ جي عهدي تان هٽائي سي اي او پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر نشيتا مريم محسن جيڪا مقرري جي انتظار ۾ هئي کيس ناڻي وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر نورين بشير جون خدمتون سنڌ حڪومت کان واپس وٺي کيس ناڻي وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف گريڊ 22 جي آفيسر افضل لطيف کي سيڪريٽري وفاقي محتسب مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي اهڙي مقرري جي منظوري ڏني آهي، هن وقت وفاقي محتسب جي سيڪريٽري جو عهدو خالي آهي.