اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت ممتاز زهرا بلوچ کي پرڏيهي آفيس جي نئين ترجمان مقرر ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس طرفان اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ممتاز زهرا بلوچ کي 25 سالن کان وڌيڪ تجربو آهي ۽ هن وقت ايڊيشنل فارن سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) طور ڪم ڪري رهي آهي. ممتاز زهرا بلوچ آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا سميت مختلف ملڪن ۾ فرض سرانجام ڏئي چڪي آهي. واضح رهي ته عاصم افتخار کي 20 آگسٽ 2021 تي پرڏيهي آفيس جو ترجمان مقرر ڪيو ويو هو، عاصم افتخار کي فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪرڻ بعد سندس جاءِ تي ممتاز زهرا بلوچ کي پرڏيهي ترجمان مقرر ڪيو ويو.