لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو ) سنڌ حڪومت لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ بدعنواني تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ محمد سهيل راجپوت جي منظوري سان سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪو آرڊينيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر ٿري شير محمد نوناري جي صحيح سان جاري ڪيل آرڊر موجب لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي معطل ڪيو ويو آهي. آرڊر موجب جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي جيل اندر بدعنواني ۾ ملوث آهي تنهن ڪري کيس معطل ڪري گهرو کاتي کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب معطل ٿيل جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ جيل ۾ مبينا طور قيد قيدين سان ملاقات ۽ غيرقانوني شيون ۽ منشيات پهچائيندڙ جي سرپرستي ڪري رهيو هو جڏهن ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ مختلف وقتن تي قيدين جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ خلاف احتجاج ڪري سندس مٿان رشوت وٺڻ سميت ٻيا سنگين الزام هنيا هئا جنهن دوران قيدين احتجاج دوران 5 پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻايو هو جنهن کان پوءِ جيل پوليس لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ گرينڊ آپريشن ڪري وڏي تعداد ۾ موبائيل فونون، هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي هئي.ٻئي طرف آهي چوٻول به گردش ڪري رهيا آهن ته جونير ذوالفقار ڀٽو کي شھيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي سان جيل ۾ ملاقات ڪرائڻ جي نتيجي ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ معطل ڪيو ويو آهي