اسلام آباد (م ڊ) چونڊ سڌارن جي معاملي تي نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ اطلاعات وارو وفاقي وزير فواد چوڌري آمهون سامهون ٿي ويا. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته چونڊ سڌارن جي حوالي سان اسان کي حڪومت تي  يقين نه آهي. حڪومت پنهنجون تجويزن اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي پوءِ  ڪميشن  سمورين پارٽين کي راءِ ڏيڻ جي لاءِ گهرائي ان کانپوءِ ئي اتفاق  راءِ ٿيندو. ڳالهين دوران احسن اقبال طرفان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي هيڪنگ جي خدشن جو اظهار به ڪيو ويو. هن چيو ته قانونسازي پارليامينٽ جو ڪم آهي اليڪشن ڪميشن جو ڪم نه آهي. هن چيو ته حڪومت سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي سگهي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ افسوسناڪ آهي، حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لاءِ صدارتي آرڊيننس آڻي سگهي ٿي، في الحال آرڊيننس جي حتمي منظوري ناهي ملي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته فيٽف جي معاملي تي اپوزيشن بارگين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻ سڌارن کان ڀڄڻ افسوسناڪ آهي، اپوزيشن جو رويو غلط آهي، نواز ليگ جيڪڏهن چونڊ سڌارن تي ڳالهائڻ نه ٿي چاهي ته سندس رويو سڀني سامهون آهي. هن چيو ته احسن اقبال جا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي  خدشا صحيح نه آهن هن کي ان حوالي سان صحيح ڄاڻ ئي نه آهي، سياسي پارٽين کي پنهنجو اسٽريڪچر ٺيڪ ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين انٽرنيٽ تي ناهي، هيڪ ٿيڻ جو امڪان ناهي، اپوزيشن ڳالهه سمجهه جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي، ان ڪري چوندا آهيون سوچي سمجهي ڳالهايو،