اسلام آباد (رپورٽ: ايم پي سومرو ) پيپلزپارٽي چيو آهي ته نوازليگ ۽ فضل الرحمان سليڪٽڊ حڪومت کي 5 سال ڏيڻ چاهين ٿا پر اسان حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم اسان کي جاري ڪيل نوٽيس تي معافي وٺي ته معاملا اڳتي وڌي سگهن ٿا. پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل فرحت الله بابر سينيئر پارٽي اڳواڻ نير بخاري سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم اسان ٺاهي آهي، هو ڪير ٿيندا آهن اهو چوڻ وارا ته اسان انهن وٽ وڃون ۽ معافي گهرون؟ ائين نه ٿيندو، هنن کي پيپلزپارٽي کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻو پوندو ۽ معافي گهرڻي پوندي ته پوءِ مامرا اڳتي وڌي سگهن ٿا. نير بخاري الزام هڻندي چيو ته نواز ليگ ۽ فضل الرحمان حڪومت کي پنج سال ڏيڻ چاهين ٿا، نه اهي بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي لانگ مارچ ڪرڻ چاهين ٿا، پر اسان سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ چاهيون ٿا، سليڪٽڊ حڪومت کي 5 سال پورا ڪرڻ نه ڏينداسين. ڪراچي چونڊ جي حوالي سان پ پ اڳواڻن چيو ته اين اي 249 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت 4 مئي تي اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪيو، پيپلزپارٽي ان کي تسليم ڪندي، اسان اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، 2018ع ۾ ڪاميابي جا ووٽ 5 سيڪڙو کان گهٽ هجڻ واري بنياد تي 34 اهڙا تڪ هئا جن کي کولڻ جي درخواست ڏني پر اهي نه کليا، ٻه اهڙا تڪ هئا جن تي ٻيهر ڳڻپ ٿي هئي پر ان کي به وچ ۾ روڪيو ويو، هن چيو ته اين اي 249 ۾ پيپلز پارٽي جو اثر نه هئڻ واريون ڳالهيون غلط آهن، 88ع ۾ به اتان پيپلزپارٽي ڪاميابي ٿي هئي، اسان کليل دل سان اليڪشن ڪميشن جي چونڊن بابت قانون تي عملدرآمد لاءِ تيار آهيون، ٻيهر ڳڻپ سان پيپلزپارٽي اڃا وڌيڪ ووٽن سان کٽيندي نظر ايندي، تنقيد ڪندڙ پوءِ ڇا ڪندا؟ هن چيو ته ان ڪري اهو نه چيو وڃي ته پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي يا اسٽيبلشمينٽ سان مڪ مڪاءُ ڪيو آهي، اهڙيون ڳالهيون ٿينديون رهيون ته ڳالهه تمام گهڻي اڳتي هلي ويندي، مڪ مڪاءُ ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ضمانتون ٿينديون آهن، سزا يافته هجڻ باوجود ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملندي آهي پر اسان انهن مامرن ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون، اسان جي جنگ اپوزيشن وچ ۾ ناهي عمران خان خلاف آهي. فرحت الله بابر وزير اعظم پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت مخالف ڌر کي ڳالهين جي ڏنل دعوت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين نان اسٽاپر آهي، اڳوڻي چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم پنهنجي دور ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو پائليٽ منصوبو شروع ڪيو، جيڪو ان جي دور ۾ ئي ختم ٿي ويو هو، جن ملڪن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو تجربو شروع ڪيو انهن به ان کي ڇڏي ڏنو، پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي انٽرنيٽ ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي ڇيڙ ڇاڙ ٿئي ٿي ان ملڪ ۾ ڪمپيوٽر بيسڊ ووٽنگ کي ڪيئن تسليم ڪريون، ڪمپيوٽر بيسڊ ووٽنگ ۾ پاڪستان اندر سڀ کان وڌيڪ ڌانڌلي جو خطرو آهي، عمران خان بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي ويو آهي، ان مان نڪرڻ لاءِ هو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جا شوشا ڇڏي رهيو آهي، کيس 2012ع ۾ ان حوالي سان نادرا جي رپورٽ بابت معلوم هجڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سسٽم ذريعي ماڻهو ووٽ مون کي ڏيندا پر اهو ووٽ عمران خان ڏي هليو ويندو، هن چيو ته هي حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهائڻ لاءِ سنجيده ناهي ۽ نه ئي ڪنهن به مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نير بخاري چيو ته اين اي 249 تي پيپلزپارٽي جو اميدوار قادر مندوخيل عام چونڊن کانپوءِ به علائقي ۾ موجود هو، نواز ليگ جو مفتاح اسماعيل سياسي اڳواڻ ناهي، ان کي جڏهن ناڻي وزير بڻايو ويو هو ته پهريون ڀيرو منظر تي آيو هو، پي ٽي آءِ حڪومت ٽيڪنوڪريٽ حفيظ شيخ کي سينيٽر لاءِ چونڊن ۾ بيهاريو ته اهو به هارائي ويو، نواز ليگ به اين اي 249 تي ٽيڪنوڪريٽ کي بيهاريو، جنهن سبب ان شڪست کاڌي، پي ٽي آءِ جي اتان ڪامياب ٿيل ميمبر واوڊا جو ڪردار بوٽ کڻي ڏيکارڻ ۽ پستول گڏ کڻڻ هو، پ پ تي عوام اعتماد ڪيو ۽ وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي کي رد ڪيو، تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي يا ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي اسان تيار آهيون..

اسلام آباد:پي ڊي ايم پيپلزپارٽي کي تحريڪ انصاف جي بي ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو، پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته پيپلزپارٽِي باپ سان ڳجهي ڊيل ڪري سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين بڻايو ۽ غفوري حيدري کي هارايو. پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو ته پيپلز پارٽي زرداري پارٽي بڻجي چڪي آهي، پيپلز پارٽي ڀٽو ۽ بينظير جي روح کي تڪليف پهچائي آهي، پيپلز پارٽي کي نئون سياسي باپ مبارڪ هجي، پيپلز پارٽي پنهنجي سياست تي ٿورو غور ڪري، پيپلز پارٽي جا جيالا به ان جي سياست تي کلي رهيا آهن، پي ڊي ايم جي ترجمان وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪرڻ آسمان طرف ٿڪڻ برابر آهي تازو ٿيل سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني کي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي ووٽن سان سينيٽر چونڊرايو ويو، کيس سينيٽ چيئرمين چونڊرائڻ لاءِ به مولانا فضل الرحمان ۽ اپوزيشن پارٽين جا ووٽ ورتا ويا، جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي پنهنجي ئي ووٽرن کان بيلٽ پيپر تي غلط ٺپا لڳرائي باقاعدگي سان گڏجي صادق سنجراڻي کي چيئرمين سينيٽ چونڊرايو، پيپلز پارٽي نه صرف اپوزيشن کي پر يوسف رضا گيلاني کي به ڌوڪو ڏنو، ان کانسواءِ پيپلزپارٽي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ مولانا غفور حيدري کي ووٽ نه ڏئي سازش تحت هارائي حڪومتي اميدوار کي ڪامياب ڪرايو، منافقت جو اهو سلسلو جاري رکندي ويچار يوسف رضا گيلاني کي هڪ ڀيرو ٻيهر شرمندو ڪري کيس باپ پارٽي جي حوالي ڪيو ويو، ان ڪري پيپلزپارٽي هڪ ئي وقت ٽن قوتن پي ٽي آءِ، باپ پارٽي ۽ خلائي مخلوق جي نڪاح ۾ هلي وئي، پيپلزپارٽي ۾ هاڻي ڀٽو ازم نه رهيو آهي، هاڻي زرداري پارٽي بڻجي وئي آهي، هاڻي پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ جي بي ٽيم بڻجي وئي آهي، هن چيو ته فيصل ڪريم ڪنڊي مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪري پنهنجو سياسي قد وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪري، ان جو جيترو سياسي قد آهي، کيس ڳالهه به اوتري ڪرڻ گهرجي، ڪنهن کي سياسي قد وڌائڻُو آهي ته کيس ٻيو چورن وڪرو ڪرڻو پوندو. جي يو آءِ ۽ نواز ليگ پي ڊي ايم جو حصو آهن. پي ڊي ايم ترجمان چيو ته اين اي 249 تي پ پ جي ڪاميابي اهم ناهي، پي ٽي آءِ جي شڪست اهم آهي، جيتري تائين مفتي محمود جي سياست جو تعلق آهي ته ان مرندڙ گهڙي تائين هميشه آمريت ۽ مارشل لا جي خلاف جدوجهد ڪئي، مولانا فضل الرحمان به مفتي محمود جي نقش قدم تي هلندي اسلامي جمهوري رياست پاڪستان جي قيام لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، اڄ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان هڪ غير جمهوري ڪٺ پتلي حڪومت خلاف ميدان ۾ آهي.