ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان حڪومت ۾ به بغاوت ٿي وئي آهي، اتحادي پارٽي تحريڪ انصاف ۽ حڪمران پارٽي بلوچستان عوامي پارٽي به وڏي وزير ڄام ڪمال کي هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي، اڳوڻي وڏي وزير ۽ اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب بلوچستان جي وڏي وزير ۽ سندس اتحادي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، ان ڪري وزيراعظم عمران خان جي ڪوئيٽا واري دوري ۾ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن وڏي وزير خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ذريعن موجب پارلياماني پارٽي سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم پارلياماني ليڊر سردار يار محمد رند جي سربراهي ۾ ڇهن ميمبرن سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر به شرڪت ڪئي هئي. ذريعن موجب ميمبرن شڪايت ڪئي ته ڄام ڪمال بلوچستان ۾ تحريڪ انصاف کي خراب ڪري رهيو آهي، اسان کي ڄام ڪمال کانسواءِ باپ پارٽي جو ٻيو ڪو به وڏو وزير قبول هوندو. ذريعن موجب ڄام ڪمال جي جاءِ تي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو کي ٻيهر وڏو وزير بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته بلوچستان عوامي پارٽي پنهنجي وڏي وزير کي تبديل ڪري ته تحريڪ انصاف کي قبول هوندو. ٻئي طرف باپ پارٽي جي ڪيترن ئي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن به ڄام ڪمال کان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. نجي ٽي وي موجب باپ پارٽي جي هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته اسان جي پارٽي جا 24 مان 21 يا 22 ميمبر به ڄام ڪمال سان ڪاوڙيل آهن. هو وڏي وزير سان ڇو نه ڪاوڙجن هو اسان جي ميمبرن کي به ملاقات لاءِ چار چار ڪلاڪ انتظار ڪرائيندو آهي.