ڄامشورو (رپورٽر) وزيران ڇڇر کي انصاف ڏيارڻ لاء سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندڙ نوجوان جاويد ڇڇر خلاف جرڳو ڪر ي مٿس پنج لک رپيا ڏنڊ وجهڻ واري معاملي جي جاچ ڪرڻ لاء ايس ايس پي ڄامشورو پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي رپورٽ ايس ايس پي کي پيش ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ جرڳو ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل وڏيري کي بي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، متاثر نوجوان به بيان تان ڦري ويو آهي، وزيران ڇڇر جي وارثن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن پوليس جي جاچ رپورٽ کي رد ڪندي پوليس تي با اثرن جي ونگار وهڻ جو الزام هنيو آهي. سياسي سماجي اڳواڻن انسپيڪٽر سراج لاشاري کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي ڄامشوري جي سول سوسائٽي روڊن تي اچي وئي آهي، جرڳي خلاف ڪوٽڙي ۾ ترقي پسند پارٽي پاران ٻارڙن ۽ عورتن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. المدينا چوڪ تي نٽهڻ اس ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت مظاهرو ڪندڙ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مبينا جرڳو ڪندڙن وڏيري ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن حيدر ملاح، يونس اوٺو، امير دين مگسي، ابراهيم کامڙيو امجد مستوئي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جرڳو ڪندڙ پوليس جي ذريعي نوجوان جو آواز دٻايو آهي جنهن تي سنڌ جو شعور خاموش نه ويهندو، هنب چيو ته پوليس جي جاچ ڪاميٽي مڪمل جانبدار هئي جنهن جي رپورٽ کي رد ڪريون ٿا،21 صديء ۾ انصاف لاء آواز اٿارڻ سڀ کان وڏو ڏوھ بڻجي ويو آهي پر سنڌ جو شعور هاڻي اهڙو ڏوھ ڪندو رهندو ۽ ڪنهن به بي گناھ نياڻي جي خون ناحق تي خاموش نه ويهندو. هنن چيو ته جرڳي بابت ڄامشورو پوليس جي جاچ ڪاميٽي تي اعتبار ناهي، هن مطالبو ڪيو ته انسپيڪٽر سراج لاشاري جهڙي ڪنهن ايماندار آفيسرن کان جاچ ڪرائي وڃي.