حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سخي پير واري علائقي ۾ قائم هري مندر مان مورتي پراسرار نموني غائب ٿي وئي آهي. مندر انتظام سنڀاليندڙن سخي پير ٿاڻي پهچي مورتي چوري ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پريم ڀڳت ۽ جيوڻ ڀڳت ٿاڻي تي داخل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل ڏينهن صبح جو انهن پوڄا پاٺ لاءِ مندر کوليو ۽ بعد ۾ کين مندر جو دروازو بند ڪرڻ وسري ويو. رپورٽ ۾ مندر جا انتظام سنڀاليندڙن پوليس کي ٻڌايو آهي ته جيئن ئي هو ٻيهر مندر پهتا ته شري ڪرشنا چيتنيا پرڀو جي مورتي غائب هئي. رابطو ڪرڻ تي پريم ڀڳت ٻڌايو ته مورتي پتل جي آهي جيڪا کين پاڙيسري ملڪ مان تحفي طور ملي هئي. هن چيو ته مورتي جو گولڊن ڪلر هو ان ڪري چوري ڪندڙ سون جي مورتي سمجهي چورائي ويا آهن. ايس ايچ او سخي پير محمد پريل موريو موجب ته ڄاڻايل علائقي ۾ هندو برادري جا لڳ ڀڳ 200 گهر آهن جڏهن ته هندو برادري جي گهرن ڏانهن ڪنهن به ماڻهو جي اچ وڃ نه هجي ٿي. هن چيو ته ابتدائي طور ڪيل جاچ دوران کين ٻڌايو ويو آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن نوجوانن پاڙي ۾ پهچي مندر بابت پڇا ڪئي هئي جن کي علائقي واسين مندر جو ڏس ڏنو هو ان لاءِ خدشو آهي ته انهن نوجوانن مورتي چورائي نه هجي. ايس ايچ او دعويٰ ڪئي ته مورتي جي ڳولا لاءِ هن پڙهو ڏياري اعلان ڪيو آهي ته جيڪو ماڻهو سندن مورتي جي ڳولا ۾ مدد ڪندو ان کي 10 هزار رپيا انعام ڏنو ويندو.