چونڊڪو ( ن پ ا ) چونڊڪو جي درزي اشوڪ ڪمار جي نوجوان پٽ ديوداس پيراڻو پل کان ناراڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. وارثن ٻڌايو ته نوجوان درگاهه قلمي قرآن کان زيارت ڪري واپس چونڊڪو پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان موٽر سائيڪل تي اچي رهيو هو ته نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو، ھٿ ناهي اچي سگهيو. ٻئي طرف سوراهه پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر پاڻ خودڪشي ڪئي آھي، اکين ڏٺن شاهدن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته موٽر سائيڪل تي هڪ نينگر سان گڏ نوجوان پاڻ موٽر سائيڪل هلائي اچي پل مٿان موٽر سائيڪل بيهاري ۽ڪپڙن مان سامان ڪڍي پنهنجي ڀاءُ کي ڏنو ۽ بعد ۾ ناراڪئنال ۾ ٽپو ڏنو اسان جيئن اها صورتحال ڏٺي ۽ اسان پهتاسين ته اسان کان اڳ ۾ هن خود ڪشي ڪري ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.