ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ چئن ڄڻن جي قتل جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو. پاسبان ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي ضلعي سانگهڙ جي صدر سلطان خاصخيلي پاران ٽنڊوآدم تعلقا ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي ۾ عمراڻي برادري جي هٿيار بندن جي فائرنگ ۽ تشدد ۾ قتل ٿي ويل محمد جمن خاصخيلي، اياز خاصخيلي ۽ مسمات ست ڀرائي ۽ تارا باغ ۾ ڪجھه مهينا اڳ منشيات خلاف احتجاج دوران قتل ٿي ويل نوجوان علي اڪبر خاصخيلي جي قتل ڪيسن ۾ نامزد ٿيل مک جوابدارن ذاھد عمراڻي ۽ گل حسن مڪراني جي گرفتاري لاء ٻارهين ڏينھن به بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو. سلطان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ هلندڙ بک ھڙتالي ڪيمپ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس يو پي ضلعي سانگهڙ جي صدر ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، ٽنڊوآدم تحريڪ جي اڳواڻ شاهجهان جوڻيجو، جماعت اسلامي اڳواڻن مشتاق عادل، عبدالستار انصاري، سنڌ جي مزاحمتي شاعر اديب مهر ڊٻائي، جي يو آءِ جي مولانا حاجي محمد هاشم، قاري محمد عباس خاصخيلي، راڻا گلزار احمد، انور خاصخيلي، سليم چيمه، غلام قادر خاصخيلي، شير محمد خاصخيلي، غلام فريد خاصخيلي ۽ ٻين مختلف وقتن تي بک ھڙتالي ڪئمپ تي پھچي يڪجھتي جو اظھار ڪيو. اڳواڻن کان سواء صوبائي وزير فراز ڏيرو پڻ بک هڙتالي ڪيمپ تي پهتو هو، جنهن وعدو ڪيو هو ته خاصخيلي برادري جي قاتلن جي گرفتارين لاء آئي جي سنڌ سان به رابطو ڪندس پر ٽنڊوآدم پوليس خاصخيلي برادري جي قتل ڪيسن ۾ نامزد ٿيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي.