اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان ايندڙ بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بجاءِ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم اهڙي هدايت ڪالهه اقتصادي ايڊوائيزري ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته معاشي استحڪام، جٽادار ترقي لاءِ روڊ ميپ پيش ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان ناڻي وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم مامرن تي سفارشون پيش ڪرڻ واري هن ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي، اهڙيون تجويزون سامهون آنديون وڃن، جنهن سان عوام کي رليف ملي ۽ معيشت جي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي، هن چيو ته حڪومتي ڪوششن ذريعي ڪاروبار دوست ماحول پيدا ٿيو آهي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، حڪومت واپاري برادري جي مشاورت سان پاليسيون جوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اهم شعبن توانائي، تعميرات، زراعت، سياحت، سماجي تحفظ، سبسڊيز، قيمتن ۾ استحڪام، ننڍين ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽرنرشپ جهڙن شعبن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪيو وڃي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٽيڪسن جي نظام ۾ سڌارا آڻي نظام کي آسان بنائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.