وزيراعظم سپريم ڪورٽ کان ليٽر گيٽ جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
226
وزيراعظم سپريم ڪورٽ

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کان ليٽر گيٽ جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ليٽر گيٽ جي جاچ لاءِ هاءِ پاور ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جا وڪيل ڪميشن جوڙڻ لاءِ اڄ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندا، ذريعن موجب وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي ڪالهه قانوني ٽيم سان مشاورت ڪئي هئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي عالمي سازش جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڦري ويل ميمبرن ۽ هارس ٽريڊنگ جي به جاچ جو مطالبو ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جو موقف هو ته قومي سلامتي اجلاس ۾ عالمي سازش جو اعتراف ڪيو ويو، عمران خان جو موقف آهي ته ڪرپٽ سياستدانن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ عالمي ايجنڊا تي عمل ڪيو، ان ڪري عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي

ملڪ جي خودمختياري ۽ جمهوريت تي سڀ کان وڏي حملي جي بچاءُ لاءِ عوام کي نڪرڻو پوندو: وزيراعظموزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي خودمختياري ۽ جمهوريت تي سڀ کان وڏي حملي جي بچاءُ لاءِ عوام کي گهرن مان نڪرڻو پوندو

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته عوام هميشه قومي خودمختياري ۽ جمهوريت جو مضبوط محافظ رهيو آهي، غير ملڪي طاقت مير جعفرن ۽ مير صادقن جي مدد سان حملا ڪيا، عوام کي ملڪي خودمختياري ۽ جمهوريت تي سڀ کان وڏي حملي جو دفاءُ ڪرڻو پوندو، عوام کي گهرن کان نڪرڻو پوندو

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان عوام سان سڌي ريت ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ملڪ سان ٿيندڙ غداري جي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو هو

ھي به پڙھندا

نگران حڪومت جو قيام ھن ڪيس جي ڪري رڪيل آھي، ڪوشش آھي سڀاڻي تائين فيصلو ٻڌائي ڇڏيون: چيف جسٽس