نشو ٿو ڪرين: ڀارت ۾ ماءُ موالي پٽ جي اکين ۾ مرچ وجهي ڇڏيا

0
345
نشو ٿو ڪرين: ڀارت

سورياپت(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ ماءُ موالي پٽ جي نشو ڇڏائڻ لاءِ سندس اکين ۾ مرچ وجهي ڇڏيا. ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو ڀارتي رياست تلنگانا جي ضلعي سوريا پت ۾ پيش آيو، جتي پيرسن عورت پٽ کي نشو ڇڏرائڻ لاءِ انتهائي قدم کنيو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

عورت پٽ کي سبق سيکارڻ لاءِ کيس ٿنڀي سان ٻڌو ۽ اکين ۾ مرچ وجهي ڇڏيا. همراهه کي ڇڏائڻ لاءِ ٻي عورت سندس ماءُ کي پڪڙيو پر کيس بچائڻ ۾ ناڪام رهي

پٽ رڙيون ڪندو رهيو، جنهن کانپوءِ ماءُ کانئس واعدو ورتو ته اڳتي هو ڪنهن به قسم جو نشو نه واپرائيندو. عورت موجب هن اهو انتهائي قدم کڻڻ جو ان وقت ادارو ڪيو جڏهن پٽڪنهن به صورت منشيات جي عادت کان نه مڙي رهيو هو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ صارفين گڏيل تاثر ڏنو آهي، ڪنهن ماءُ جي ان قدم کي غلط قرار ڏنو ته ڪنهن ساراهيو آهي