پنجاب جو نئون وڏو وزير ڪير؟ فيصلو اڄ ٿيندو

0
151
پنجاب جي وڏ وزارت جي

ڪراچي (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 16 مارچ بدران اڄ شام ساڍي 7 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، نئين وڏي وزير جي چونڊ به اڄ ئي ٿيندي

اسيمبلي سيڪريٽريٽ گذريل رات اجلاس جي شيڊول جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب اجلاس ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب سان مشاورت کانپوءِ طلب ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ معمولي ڇڪتاڻ سبب ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي ڪارروائي 16 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي

پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ به اڄ ٿيندي

ھي به پڙھندا

نگران حڪومت جو قيام ھن ڪيس جي ڪري رڪيل آھي، ڪوشش آھي سڀاڻي تائين فيصلو ٻڌائي ڇڏيون: چيف جسٽس