ورڪشاپ  (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو قبرستان ۾ رولو ڪتن ديرا ڄمائي ورتا، نينگر جو لاش ڪڍي کائي ويا، علائقي واسين پاران ڪتا مار مهم شروع ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب گجري جي مين قبرستان مان ھڪ ھفتو  اڳ دفنايل نينگر جو لاش رولو ڪتا قبر کوٽي ڪڍي کائي ويا، شهرين قبرستان مان گذرندي قبر کوٽيل  ۽ ڪفن ٻاھر  پيل ڏٺو، جنهن بعد علائقي واسي وڏي انگ ۾ قبرستان پهتا، شهرين ڪامران خان،  تنوير خٽڪ، گلاب نور ۽ ٻين چيو ته قبرستان کي چوديواري نه ھجڻ سبب رولو ڪتن ديرا ڄمائي ورتا آهن جيڪي لاش ڪڍي کائين ٿا، هنن فوري طور ڪتا مار مهم شروع ڪرڻ جي گهر ڪئي، اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار قبرستان پهتا، جن علائقي واسين کي ڪتا مار مھم شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.