بدين (رپورٽر) پير چوڪ بدين تي ٽينڪر ٻوڏ متاثر معصوم مٿان چڙھي ويو، موقعي تي نادر ولد بابو شيخ ڀٽي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ذريعن مطابق چيڀاٽجي مارجي ويل 15 سالا نوجوان نادر ولدبابو لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻڌايو پيو وڃي جيڪو پنھنجي خاندان سان گڏ ٻوڏ متاثرين ھو ۽ ھن وقت پير چوڪ لڳ سي پيڪ روڊ جي ڪناري سان ويٺل ھئا، ايدھي ذريعن مطابق نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي لاءانڊس اسپتال پھچايو ويو آھي جنھن کي بعد ۾لاڙڪاڻو روانو ڪيو ويندو،