وجود ناول جو تنقيدي جائزو

0
558

هن ناول جي شروعات ئي هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي سان ٿئي ٿي. بلڪل فلمي سين لڳي ٿو. ڇوڪرو ۽ ڇوڪري رسن سان ٻڌل آهن. ڪارو ڪاري جي فتوا اچي ٿي ۽ سندن سر قلم ڪيا وڃن ٿا. ڇوڪرو دشمن قبيلي جو آهي. ڇوڪري جو ڀاءُ مينگل خان گهري ڏک ۾ ورتل آهي پر قبائلي روايت اڳيان بيوس آهي. چاهيندي به پنهنجي ڀيڻ کي بچائي نٿو سگهي.
بلوچستان جي قبائلي ۽ خونريز پس منظر ۾ ذلفي زنئور جي لکيل هن ناول جو مک ڪردار مينگل آهي جيڪو تقريبن اوڻيهن ويهن سالن جو سهڻو نوجوان آهي.
هي باغي قبيلو آهي جيڪو قانون جي رکوالن کان علاوه هڪ ٻئي قبيلي سان پڻ طويل قبائلي جنگ ۾ رڌل آهي. قبيلي جو سردار هشمت خان، سندس ڀائٽيو رستم خان ۽ مينگل خان جو پيءُ خدا داد خان خوفناڪ ويڙهاڪ آهن. سندن مخالف قبيلي جو سرواڻ سردار صحبت خان آهي. هڪ ڏينهن صحبت خان وارا، باغي قبيلي تي حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري ۽ ٻين کي اغوا ڪري وڃن ٿا جن کي ڇڏائڻ لاءِ  ويندڙخداداد خان پڻ پهرين اغوا ۽ پوءِ  قتل ٿي وڃي ٿو. صحبت خان، مقتولن جا سر قلم ڪري، هشمت خان کي تحفي ۾ موڪلي ٿو. جواب ۾ هشمت خان، فيصلي جو ڍونگ ڪري، دوکي سان مخالف قبيلي جي اهم ماڻهن کي قتل ڪري انهن جا سر سردار صحبت خان کي موڪلي ٿو.
اهڙي خوني ماحول ۾ به زندگي روان دوان آهي. هشمت خان جي ڌي صاحبه ۽ رستم خان هڪٻئي کي چاهين ٿا ۽ سندن شادي جون تياريون به هلندڙ آهن. ساڳي وقت صاحبه ۽ مينگل خان به هڪٻئي سان ڏاڍا حجائتا آهن. ساڳي فيملي هجڻ سبب، مينگل خان به هر وقت صاحبه جي آس پاس رهي ٿو.
هڪ ڏينهن رستم خان ۽ صاحبه کي تخليو ملي وڃي ٿو ۽ هو شادي کان پهرين ئي سڀ مرحلا طئي ڪري وڃن ٿا. شادي جي تيارين دوران ئي هڪ ڏينهن رستم خان، هشمت خان جي گھر اچي ٿو ته هو مينگل خان ۽ صاحبه کي گهڻي حجائتي انداز ۾ هڪ ڪمري اندر ڏسي ٿو ۽ شڪ جو ٻج دل ۾ پوکي واپس هليو وڃي ٿو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ  صاحبه کي حمل جا آثار شروع ٿين ٿا. ڳالھه آهستي آهستي هشمت خان ۽ رستم جي به ڪنن تي پوي ٿي. رستم خان، هنن تي ڪارو ڪاري جو الزام هڻي، هشمت خان جي ئي رضا مندي سان ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو. ڪنهن طريقي سان اها کڙڪ، مينگل خان کي پوي ٿي ۽ هو فورن صاحبه کي گھوڙي تي ويهاري بيابان طرف نڪري وڃي ٿو. رستم  خان ويڙهاڪن جو جٿو وٺي سندس ڳولا ۾ نڪري پئي ٿو.
ڪافي پنڌ کان پوءِ ، مينگل خان ۽ صاحبه هڪ ڳوٺ ۾ پهچي ڪنهن جي گهر جو دروازو کڙڪائين ٿا ته اتفاق سان اهو رحيم يار خان جو گھر هوندو آهي جنهن تي مينگل جي پيءُ جا احسان ڪيل هوندا آهن. رحيم يار خان کي هڪ ڌيءُ زينت گل ۽ هڪ پٽ بهرام خان آهي. رحيم يار خان انهن کي پناهه ڏي ٿو. اتي زينت گل، مينگل خان جي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي جنهن کي بهرام خان محسوس ڪري وٺي ٿو پر هو ڪو اعتراض نٿو ڪري، ڇو ته هو خود هڪ لاحاصل عشق مان گذري چڪو هوندو آهي. سندس عشق به هڪ ديو مالائي قصو ٿو لڳي. هو ياد ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن هو آءِ  جي پوليس جي بنگلي تي وڃي پهتو هو جتي هن آءِ  جي جي ڌي کي حوض ۾ وهنجندي ڏٺو هو جنهن جي جسم تي هن جو سکيون ميٽ ملي رهيون هيون. هن  گھوڙي سميت، حوض وٽ وڃي، ان ڇوڪري سان عشق جو اظهار ڪيو هو. جواب ۾ ڇوڪري به هن جي عشق ۾ گرفتار ٿي هن سان گڏ فرار ٿيڻ لاءِ  تيار ٿي وئي هئي پر ان کان اڳ ئي هو هڪ واقعي ۾ آءِ  جي جي دشمنن هٿان مارجي وئي هئي..
هشمت خان ۽ رستم خان جي امڪاني حملي سبب، مينگل خان ۽ صاحبه، رحيم يار خان جي دوست دريا خان وٽ پناهه وٺن ٿا جتي پڻ رستم خان ۽ سندس ويڙهاڪ پهچي وڃن ٿا ۽ هي ٻيئي ڄڻا گهوڙي تي چڙهي فرار ٿين ٿا پر ويڙهاڪ پهچي کين گھيرو ڪري وڃن ٿا. هشمت خان به اتي پهچي وڃي ٿو. مينگل خان کي گوليون لڳن ٿيون ۽ اتي ئي مري وڃي ٿو. اتي صاحبه رڙيون ڪري چوي ٿي، ” توهان منهنجو ڀاءُ ماري ڇڏيو. منهنجي پيٽ ۾ رستم خان جو ٻار آهي“
ڪهاڻي هلندي پڙهندڙ ٿورو منجهي پوي ٿو ته صاحبه جڏهن رستم خان کي چاهيندي هئي ته پوءِ مينگل خان سان فرار ڇو ٿي؟ اهو راز ناول جي ڪلائيمڪس تي کلي ٿو ته مينگل خان ۽ صاحبه ۾ ڀاءُ ڀيڻ واري محبت هئي. مينگل خان جي ڀيڻ جو قتل سندس ضمير تي بوجھه بنجي پيو هو ۽ هو نه پيو چاهي ته سندس ٻي ڀيڻ جهڙي دوست به انهيءَ قبائلي رسم جو کاڄ بنجي. ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندي هن پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. اهو ئي ناول جو ٿيم ۽ جاندار پاسو آهي.
فاضل مصنف مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، “ مون پنهنجي ناول، “وجود” ۾ انهيءَ روايت کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته ناول ايڏي روانگي سان لکان جو پڙهندڙ جو ناول تان ڌيان نه هٽي” اها ڳالهھ مصنف هن ناول ۾ ثابت به ڪري چڪو آهي جنهن لاءِ  کيس مبارڪباد ڏجي ٿي پر ناول ۾ انهيءَ حد تائين روانگي ناول جي ڪاميابي جو صرف هڪ پاسو آهي. ناول جي ڪاميابي جو ٻيوپاسو آهي ان جي فڪري گھرائي، جيڪا هن ناول ۾ نظر نٿي اچي. تيز رفتار ناول ۽ فلمون پڙهندڙ جي تجسس کي ته رزق فراهم ڪن ٿيون پر انهن جو اثر ديرپا نٿو هجي. اميد ته ناول نگار آئنده انهيءَ پاسي به توجهه ڏيندو.
هن ناول جو پلاٽ ٽرئجڊي تي ٻڌل آهي جنهن لاءِ  ضروري هوندو آهي ته آخر ۾ ڪنهن اقدار (Value) ۽ ڪردار مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ۽ ٻئي جي قرباني. هتي  به مينگل خان هڪ انساني قدر جي پاسداري ڪندي پنهنجي جان قربان ڪري ٿو. هتي اهو به سوال پيدا ٿو ٿئي ته صاحبه پنهنجي حمل واري ڳالھه رستم خان کي ڇو نه ٻڌائي؟ اها صاحبه جي غلطي هئي پر صاحبه جيڪڏهن اها غلطي نه ڪري ها ته پوءِ  ٽرئجڊي جنم ئي نه وٺي ها. سڀني ٽرئجڊي ڪهاڻين جي شروعات هڪ غلطي (Fatal flaw or Hamertia) سان ئي ٿيندي آهي. سسئي ڏيرن تي اعتبار نه ڪري ها، مومل پاڻ سان گڏ سومل کي نه سمهاري ها، سهڻي ڪچي گھڙي کي سڃاڻي وٺي ها ۽ ليلا هار تي نه هرکجي ها ته انهن مان ڪا به ٽرئجڊي جنم ئي نه وٺي ها.
ناول جو ماحول قبيلائي ڪشمڪش وارو ۽ مقام  (Localeبلوچستان آهي. جيڪڏهن مقام بلوچستان جي بجاءِ  سنڌ هجي ها ته بهتر هجي ها. ڇو ته سنڌي پڙهندڙ، سنڌي  ناول ۾ پنهنجي پاڻ کي ڳولي ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪردار سان پاڻ کي جوڙي (Relate or Identify) وٺي ٿو. اوپري ماحول ۾ پڙهندڙ پڻ اوپرو رهجي وڃي ٿو.
مارا ماري واري ڪلچر جي ڪا حوصلي شڪني نظر نٿي اچي بلڪه ڪنهن حد تائين ان تي فخر وارو انداز به آهي. باغي قبيلو ۽ اتحادي قبيلو  هڪٻئي جا ماڻهو ماري خون جو نديون پيا وهائين، انهيءَ چريائپ کي سڌي يا اڻسڌي طريقي سان نندڻ جي ضرورت هئي. هتي انسانيت بمقابله ارڏائي آهي. انسانيت بجاءِ اهميت ارڏائي کي ڏني وئي آهي.
ناول جو ڪمزور ترين حصو بهرام خان جي عشق وارو آهي جيڪو هڪ پرَين جي داستان جهڙو آهي. بهرام خان گھوڙي تي چڙهي گھمندي ڦرندي ٽڪري تي ٺهيل هڪ بنگلي وٽ پهچي ٿو جيڪو آءِ  جي پوليس جو گھر آهي. نه صرف ايترو پر هو بنگلي اندر حوض ۾ وهنجندڙ آءِ  جي جي ڌي ۽ سندس سکين جي ويجهو وڃي گهوڙو جهلي ٿو. ڇوڪري جي جسم تي ميٽ مليل آهي. هي ٻيئي هڪٻئي تي نه صرف فورن عاشق ٿي پون ٿا پر پرين جي ڪهاڻين وانگر هڪٻئي کي شهزادا ۽ شهزادي ڪري مخاطب ٿين ٿا! ۽ گڏجي فرار ٿيڻ جو منصوبو پڻ ٺاهي وٺن ٿا! يا حيرت!! هي اهڙو ديومالائي قصو آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ڪونهي.
فاضل مصنف ۾ هڪ سٺي ناول لکڻ جون سڀ خوبيون موجود آهن. سندس تخليقيت جو پيالو ٽمٽار آهي. جنهن طريقي جي منظر نگاري ۽ سسپنس پيدا ڪيل آهي، اهو سنڌي ناولن ۾ گھٽ ٿو نظر اچي. ناول پڙهندي ايئن لڳي ٿو ته ڪا ائڪشن فلم ٿي ڏسجي. حالتون ۽ واقعا تيزي سان گذرڻ لڳن ٿا. پڙهندڙ کي سوچڻ لاءِ  گھڻو وقت نٿو ملي. هن ناول تي آساني سان ڪا ٽي وي سيريل ٺاهي سگھجي ٿي.