اسلام آباد: فيصل واوڊا 25 جولاءِ 2018ع  تي ٿيل عام چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ 13 آگسٽ 2018ع تي قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو،  3 مارچ 2021ع تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، جڏهن ته فيصل واوڊا ان کان پوءِ 10 مارچ 2021ع تي سينيٽ جي ميمبر طور ڪامياب قرار ڏنو ويو، 11 مارچ تي فيصل واوڊا سينيٽر طور حلف کڻي سينيٽ جو ميمبر ٿي ويو ۽ ائين ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تائين فيصل واوڊا سينيٽ جو ميمبر رهيو، فيصل واوڊا 5 آڪٽوبر 2018ع کان 3 مارچ 2021ع تائين پاڻي مامرن جو وفاقي وزير رهيو.