اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو ) وفاقي حڪومت گريڊ هڪ کان 19 تائين جي ملازمن کي بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو اضافي ڊسپيرٽي الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ،  انهي فيصلي تي پهرين مارچ کان عمل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آھي،  وفاقي حڪومت صوبن کي به پنهنجن فنڊن مان صوبائي ملازمن کي اهڙو  پيڪيج ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي، ان ڏس ۾  ناڻي واري وفاقي وزارت جي ترجمان پاران رات دير سان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ناڻي وزارت پاران  ملازمن جي ٽائيم اسڪيل پروموشن لاءِ  هڪ سمري تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن هڪ ئي گريڊ ۾ ڊگهي عرصي کان ڪم ڪندڙ ملازمن جي ترقي جو مسئلو ٿي سگهيم  جڏهن ته  ڪي پي جي پوسٽن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو اپريل جي آخر ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ايم ايس ونگ پاران ڪرايل اسٽڊي جي روشني ۾ ڪيو ويندو، پڌرائي موجب ملازمن کي ملندڙ ايڊهاڪ رليف الائونس کي پگهارن ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو پي اينڊ پينشن ڪميشن جي رپورٽ تحت ڪيو ويندو، ملازمن  سان  ٿيل معاهدي تحت الائونسز کي بنيادي پگهارن ۾ ضم ڪيو ويندو، واضح رهي ته گريڊ هڪ کان 16  جي وفاقي ملازمن  پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ جي صورت ۾  اڄ  10 فيبروري  کان احتجاج  تي وڃڻ جو چتاءُ ڏنو هو