واهي پانڌي (ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺ شهڪ رودناڻي ۾ ڳوٺ ٻاهران گاج نئين جي پيٽ اندر کوٽيل کوهي تان پاڻي ڀري گهر ويندڙ عورت رستو ڪراس ڪندي مٿان گاڏي چڙهي وئي، جنهن کي جوهي اسپتال نيو پئي ويو ته هوءَ رستي ۾ فوت ٿي وئي . فوتي عورت جي وارثن الاهي بخش، ايوب، صدام ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪاڇي اندر پيئڻ جو صاف نه هئڻ سبب ڳوٺ ٻاهران نئين گاج جي پيٽ منجھان کوهيون کوٽي پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهيون فوتي عورت مسمات پروين زال قربان رودناڻي گهر جو پاڻي ڀري گهر اچي رهي هئي ته پيچرو ڪراس ڪرڻ دوران سامهون کان تيز رفتار ايندڙ گاڏي سندس مٿان چڙهي وئي . هنن چيو ته حادثي بعد ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.