چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ کيٽ ۾ زمين جي معاملي تان ڀنڀرا ۽ شيخ برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ڀنڀرا برادري جا 6 ڄڻا ۽ شيخ برادري جي چئن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، صاحبه، ساهري، ڀاڳ ڀري، مٺان خاتون، نبي ڏنو،کٻڙ خان ،علي گوهر ۽ ارشاد شيخ، بخت علي ڀنڀرو، خالق ڏنو ڀنڀرو، غلام اصغر، غلام هادي سندن ٻه هاري الهورايو ۽ اعجاز شر زخمين ۾ شامل آھن. ٻنهي ڌرين جي زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو ۾ داخل ڪيو ويو آھي.رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو ۾ شيخ برادري جي زخمين سان گڏ عورتون انصاف لاء قرآن شريف ساڻ کڻي آيون ۽ پوليس تي ڌر هجڻ جا الزام هڻي رهيون آهن.