واھي پانڌي (ن پ ا) واھي پانڌي ۾ نجي ڪلينڪ تي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي ويل نينگر زاھد لغاريءَ جي فوتگي واري مامري ۾ تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر زبير پنهور ڪلينڪ تي حملو ڪري کيس تشدد ڪرڻ، ڪلينڪ ۾ ڀڃ ڊاھ ۽ موتمار ڌمڪين خلاف واھي پانڌي ٿاڻي تي عبدالله لغاري، مولا لغاري، مريد لغاري سميت 4 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ايم ايس جوهي ڊاڪٽر زبير احمد پنهور ٻڌايو ته پهرين منهنجي ڪلينڪ تي حملو ڪري مون کي زخمي ڪيو ويو هو، هاڻ به جوابدار مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن کي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، ٻئي پاسي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري فوت ٿيل نوجوان زاهد لغاري جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان تي ڪيس کان هٿ کڻڻ ۽ ڊاڪٽر کي بچائڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا ناانصافي آهي.